عبدالتواب خان ڊاڪٽر

عبدالتواب خان، ڊاڪٽر: ناميارو سائنسدان، انجنيئر، محقق، ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچيءَ جو باني ۽ وائيس چانسلر عبدالتواب خان،21 نومبر 1925ع تي جئپور (انڊيا) ۾ ڄائو. هن 1945ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات جئپور رياست ۾ تعميراتي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت سان ڪئي. ان کاتي ۾ نومبر 1945ع کان جون 1948ع تائين منسلڪ رهيو. ورهاڱي بعد لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جتي اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي ترقي ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر، ايسوسي ايٽ پروفيسر، چيئرمين اينڊ ڊين فيڪلٽي آف سول انجنيئرنگ ٿيو. ان کانپوءِ ڪاليج کي يونيوسٽيءَ جو درجو ملڻ بعد 1981ع ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تي فائز ٿيو. جتان 28 فيبروري 1987ع تي ريٽائر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالتواب خان يونيورسٽيءَ مان ريٽائرمينٽ کان پوءِ آخري وقت تائين اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ ۾ اعزازي پروفيسر طور خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو. کيس ‘سوائل ميڪانڪس’ ۽ ‘فائونڊيشن اينڊ اسٽرڪچرل انجنئرنگ’ تي مهارت حاصل هئي. ملڪ ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۽ انجنيئرنگ جي تعليم سان لاڳاپيل بيشمار ادارن ۽ ڪاميٽين لاءِ بطور مُشير ۽ رڪن جي حيثيت سان تمام گهڻو ڪم ڪيائين. ان کان علاوه 1963ع ۾ ‘سيٽو گريجوئيٽ اسڪول آف بينڪاڪ’ جو مشير مقرر ٿيو هو. هن وائس چانسلر جي حيثيت ۾ اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ ۾ ماحولياتي انجنيئرنگ جي انسٽيٽيوٽ کان علاوه ڪيتريون ئي فيڪلٽيون قائم ڪيون. سول، اليڪٽريڪل، ميڪانيڪل ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر ڊگرين ڏيڻ کان علاوه ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ چئن سالن جي ڊگري ڪورس جو آغاز ڪيائين. هن ڏيهي توڙي پرڏيهي سطح تي بيشمار سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن ۾ ميمبر ۽ آرگنائيزر جي حيثيت سان نمائندگي ڪئي. ان سلسلي ۾ آمريڪا، برطانيا، اٽلي، لبنان، جاپان، جرمني، برما، ترڪي، فرانس، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ، ڪئناڊا، مصر ۽ سعودي عرب جا دؤرا ڪيائين. اين. اي. ڊي يونيورسٽي جي نئين ڪيمپس جي تعمير ۾ سندس اهم ڪردار هو. هن اُتي ميوزيم آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي قائم ڪيو. انجنيئرنگ ۽ سوائل ميڪانڪس جي موضوع تي بيشمار تحقيقي مقالا تحرير ڪيائين. ان حوالي سان سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن. هن جي ڪوششن سان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. گورنر سنڌ 1994ع ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو، جنهن تحت 1995ع ۾ يونيورسٽي قائم ٿي، جنهن ۾ 1996ع تائين هڪ سال تائين وي. سي رهيو. ڊاڪٽر عبدالتواب خان 24 سيپٽمبر 1996ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.11.21  عيسوي

عبدالتواب خان،21 نومبر 1925ع تي جئپور (انڊيا) ۾ ڄائو.


1996.09.24  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالتواب خان 24 سيپٽمبر 1996ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد سردار علي شاهه
ڀنگر غلام نبي
جيمس لوئيس مينس
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
شهاب الدين ملا
استاد انور علي سانگي
آصف قاضي
خيار لهڙي
قاسم پٿر
جارج بوٿ تروٽ ڪرنل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون